ڇَمَرُ جي سنڌي معنيٰ
جهُڙ، ملار ملهار. اڇا ڪَڪَر جيڪي مينھن نہ وَسائينِ، اُٻُون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
White clouds, rainless clouds.
ڇَمَرُ جا بيتن ۾ حوالا
ڇَپَرُ ڇَمَرُ ڀانيان، ڪانڀُو ۽ ڪارَو،
پَٻُ وِجَهندِيَسِ پُٺِ تي، صُبوحِ سَوارو،
وَڃَڻُ مُون وارو، ڪِينَ وِھَندِيَسِ وِچَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 18 ]
پَٻُ وِجَهندِيَسِ پُٺِ تي، صُبوحِ سَوارو،
وَڃَڻُ مُون وارو، ڪِينَ وِھَندِيَسِ وِچَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 18 ]
ڇَپَرُ ۽ ڇَمَرُ، ٿا لَڳَھَ لَڳَنِ پاڻَ ۾،
آئُون پِيادِي پَٽِيين، نِماڻِي نِڌَرَ،
اَرڏا ڏُونگَرَ ڪَرڪِرا، ويڌَ وِنگايُون وَرَ،
سوڙِھا جِتِ سَڳَرَ، تِتِ ٻاتاڙِنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 19 ]