پُرسُ جي سنڌي معنيٰ
مرد، شخص. مُڙس، پَتي، ڀتار، وَرُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Man, a person, husband, leader of house.
پُرسُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جَو وِلَهنِ وارِثُ،
سُونھون سَڀَ اُمَتَ جو، پاڳارو پُرسُ،
سي ڏِکِئا وَڃِي ڏِسُ، جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 21 ]
سُونھون سَڀَ اُمَتَ جو، پاڳارو پُرسُ،
سي ڏِکِئا وَڃِي ڏِسُ، جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 21 ]
عُمَرُ چاڙِهي اُٺِ تي، پُڄِي نِيو پَنوهارِ،
ڏِنُو ڏاڍي بَندَ ۾، سُومَرو سَنگَهارِ،
نيئِي ٿَرِ آڳِٽِئو، پُرسُ پَرائِيءَ نارِ،
مارُو جو مَليرَ ۾، ويٺو ڪوٽَ ڪُوارِ،
هَنجُهون ڪِيمَ هارِ، موٽَڻُ ڪو مَسَ ٿِئي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 10 ]