پازِي جي سنڌي معنيٰ
پاجي. ٻانهو، نوڪر، گولو، خدمتگار. خسيس، نيچ، ڪميڻو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Servent, slave, serviceman, mean caste, shameless.
پازِي جا بيتن ۾ حوالا
وَڃِي وَڃِي ٿِيندِياسِ ويجهِي ويجهِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي وو،
آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، موٽِجِ مُحِبَ مِجيجِي وو مِجيجِي،
پُڇان واٽَ پَنوَھارَ تو، ٻَيَڙَ آھِيان ٻيجِي وو ٻيجِي،
جَا نَہ ھَلَندِي ھوتَ ڏي، پيءُ تَھِين جو پازِي وو پازِي،
نَمُ گُهرِجي نِينھَن جو، آھِيان آئُون اَروجِي،
ڪَرَھا ڪيچَ ڌَڻِيَنِ جا، جوڙي مَنجِهہ جَمازِي،
ويندِيَسِ تَھِين وَرَ ڏي، آھِيان زالَ جَھِين جِي،
جَا نَہ پُرَندِي پِرِينءَ ڏي، سا تان مِلڪَ مي جِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 12 ]

مَٿان جِيءُ جَتَنِ، گهورِئو گهوري سَسُئِي،
پازِي جِي پُنهونءَ جا، ڪارُون ڪَري کي تَنِ،
ڪيچِ مَتان ڪا ڪَنِ، بي شُڪِرِي ڀَنڀورَ جِي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 37 ]