وِسارِيان جي سنڌي معنيٰ
دل تان لاھيان، ڇڏيان، ڀُلائي ڇڏيان، وساري ڇڏيان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Forget, negect, ignore, put off from mind.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
وِسارِيان جا بيتن ۾ حوالا
يادِ ڪَرِيان جَنِ کي، نَڪِي وِسارِيان،
سَرَتِيُون نَہ سارِئان، ڳُجهو ڪَري اُنِ کي.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 17 ]

چيتارِيان چُڻِڪَن، وِسارِيان نَہ وَري،
ويرو تارِ ڏُکَنِ، سَڄَڻَ ڀڳي ھَڏُ جِيئَن.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 27 ]

آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ مارُنِ جا؟
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، جيڏِيُنِ جَڙِيا جِيئَن،
ڇَتا مُورِ نَہ ڇوڙِيان، سَرَتِيُنِ سيڙِهِئا سِينءَ،
مُون کي مارُوئَڙَنِ کي، ڏِٺي ٿِئَڙا ڏِينھَن،
اُجاري اَڇو ڪِئو، نِيَرَ مُنھِنجي نِينھَن،
اَسان پِرِيَنِ پاڻَ ۾، گَڏُ وَسايا مِينھَن،
پايو ميٽُ مَٿي ۾، مِينڍا ڌُئاري نَہ مِيئَن،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مَرُ ٿا وَسَنِ مِينھَن.
[ سُر مارئي، وايون، 18 ]