وَٱللَّهُ مَعَ ٱلصَّابِرِينَ جي سنڌي معنيٰ
”۽ الله سائين صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آھي.“
(قرآن مجيد جي ڪجهہ آيتن جو ھڪ حصو)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"Allah is with those who steadfastly persevere.”
(A part of verse in some Ayats of Holy Quran.)
وَٱللَّهُ مَعَ ٱلصَّابِرِينَ جا بيتن ۾ حوالا
ڏَمَرَ پاسو ڏُکَ سين، کانڌِ کَٿورِي ھوءِ،
وَٱللَّهُ مَعَ ٱلصَّابِرِينَ ، آگو ايِنهِن چوءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 15 ]

واوَئُون وَرَقُ وِصالَ جو، ويراڳِي وارِينِ،
وَرِيُنِ واءُ وِصالَ جو، اُڪَنڊَ ۾ آھِينِ،
سَناسِي سَيِّدُ چئَي، لوڪَ نَہ لَکائِينِ،
وَٱللَّهُ غَالِبٌ عَلَىٰ أَمۡرِہ ، پَرِ چَڱِي پارِينِ،
لاھُوتِي لَڏِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 26 ]

اَڌوکارو اَنَ سين، ڪِي ٿورو گاھُ ڏِينسِ،
آڌِيءَ اِستِغفارَ جو، کَرڙو خاصُ ھَڻِينسِ،
توبَهَ تَلُ ٿاھَرَ ٿَڙا، حَقِيقَتَ ھَنُو، تَوَڪَلَ تَنگُ ڪڍِينسِ،
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصَّابِرِينَ ، اِيءَ واتِ ڪَرياڙِي ڏِينسِ،
لَا حَوْلَ وَلَا قُوَّةَ إِلَّا بِٱللّٰهِ ، اِيءُ چاٻُڪُ چَکائِينسِ،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ٽوري ٽَھلائِينسِ،
اِنهين حالِ ھَلائِينس، تَہ سُوڌو وَڃي سَيِّدُ چئَي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 8 ]

ڇَھِينءَ راتِ ڇَڻِي، ڳوڙها پِيَمِ ڳَلَ تي،
وَنھِيَنِ ويڙِهِيچَنِ جِي، هِيين حُبَ گهَڻِي،
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصَّابِرِينَ ، وائِي واتِ وَڻِي،
ميڙِيندُمِ ڌَڻي، مِينھَنِ اُٺي مارُئين.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 7 ]
وَنھِيَنِ ويڙِهِيچَنِ جِي، هِيين حُبَ گهَڻِي،
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصَّابِرِينَ ، وائِي واتِ وَڻِي،
ميڙِيندُمِ ڌَڻي، مِينھَنِ اُٺي مارُئين.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 7 ]
English Meaning
"Allah is with those who steadfastly persevere.”
(A part of verse in some Ayats of Holy Quran.)
وَٱللَّهُ مَعَ ٱلصَّابِرِينَ ٻول جا زمرا