آگم ڪيو اچن...

مُڙَڻُ

(اسم - noun)
ڇَند : 1+1+1 = 3
(muD'arNu - मुड़णु )

Frequency: 1

مُڙَڻُ جي سنڌي معنيٰ
  • وَرَڻُ، ڏنگو ٿيڻ، ٻيڻو ٿيڻ، چٻو ٿيڻ، ڦِڏو ٿيڻ، ڪُٻائڻ. وَٽُ کائڻ، پيچ کائڻ، ڦيرو کائڻ. ڦيرو ڪرڻ، ڦِرڻ، چڪر کائڻ. موٽ کائڻ. باز اچڻ (ڪنھن ڪم کان)، دور رهڻ. پوئتي موٽڻ، ھَٽڻ. پيش پوڻ، آڻ مڃڻ، تاتي ٿيڻ، ھار مڃڻ، مطيع ٿيڻ. ” جو مُڙيو، سو جُڙيو“ . (چوڻي). (پاڻيءَ جو) ڇڄڻ، گهٽجڻ، جهپجڻ، ڪَئو کائڻ، لَھَڻُ، لاٽ ڪرڻ، ھَٽڻ، ڍرو ٿيڻ. (بخار جو) ھٽڻ، ڍرو ٿيڻ. نئين رستي کان ڦِرڻ، لَڙَڻ، موچ ٿيڻ، ھڏِي جو مُڙڻ، عضوي جو سروٽجڻ. ڪاوڙ ڇڏڻ، غصو نہ ڪرڻ، معاف ڪرڻ، بنا ڪنھن سزا جي ڇڏي ڏيڻ. (مُڙيو، مُڙندو، مُڙيل). ذريعو:جامع سنڌي لغات
  • English Meaning
  • To bend, turn, yield, be turned back, give way, fall or subside as a flood etc. abate, swerve, deviate, warp. To sprain.
  • مُڙَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
    English Meaning
  • To bend, turn, yield, be turned back, give way, fall or subside as a flood etc. abate, swerve, deviate, warp. To sprain.