مُجِرو جي سنڌي معنيٰ
ڪنھن وڏي ماڻهوءَ جي آڏو هنر حرفت (راڳ، ناچ وغيرہ) جو تماشو. آداب، بندگي، ڪرنش، تسليمات، نياز، سلامي، نمسڪار. سلام. ديدار، زيارت، راڳ، ناچ يا ڪنھن حيرت انگيز ڪم تي ڪيل آفرين، شاباس. اميرن جي ملاقات.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Respect paid to a Pir or other holy person by a dancing girl dancing before him.
مُجِرو جا بيتن ۾ حوالا
جَهرَڪِيُون ۾ جِيلانَ، ڪِيائُون مِيران جو مُجِرو،
جِتي غَوثُ بَھاؤالدِينُ، اُتِ مَرَڪِيُون ۾ مُلتانَ،
اَچِي اُچَ اُکَتِيُون، ڪِيائُون پُرِ پُراڻِ،
وِڄَڙِيُنِ مُنھَن ڪاڻِ، لاٿِي سِنڌُ وَڻَنِ کي.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 15 ]