مَھِي جي سنڌي معنيٰ
اڌ ولوڙيل ڌؤنرو، جنھن مان مکڻ نڪتل نہ هجي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Butter-milk, sour milk and water churned up together.
مَھِي جا بيتن ۾ حوالا
بَندَرِ جانۡ ڀَئِي، سُکاڻِئا مَ سُمهو،
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري، ماٽي مَنجِهہ مَھِي،
ايڏو سُورُ سَھِي، نِنڊَ نَہ ڪِجي ناکُئا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 4 ]
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري، ماٽي مَنجِهہ مَھِي،
ايڏو سُورُ سَھِي، نِنڊَ نَہ ڪِجي ناکُئا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 4 ]
ميھاران مَھِي، پِيتائِين پِريمَ ڪِي،
اُرِڪَ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي، ڏِنِيَسِ ڏوتَ ڏَھِي،
سَگهي تان نَہ سَھِي، مِلي جانۡ نَہ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 22 ]
اُرِڪَ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي، ڏِنِيَسِ ڏوتَ ڏَھِي،
سَگهي تان نَہ سَھِي، مِلي جانۡ نَہ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 22 ]
سَتينءَ راتِ صَحِي، سارِئُمِ سانبِيَڙَنِ کي،
تازِي تاسَرِيُنِ ۾، پِيتَمِ موڪَ مَھِي،
ڪِيَمِ رِهاڻِيُون ريلَ ۾، ٻيرِيُنِ هيٺِ ٻَھِي،
قَيدالماءِ اَشَدُ مِن قَيدِ الحَدِيدِ، اِها رَمزَ رَهِي،
وَڃي لوهُہ لَھِي، تَہ مِلان مارُوئَڙنِ کي.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 8 ]