مَزا جي سنڌي معنيٰ
شيءِ جي چکڻ سان معلوم ڪيل ڪيفيتون، سَواد، ذائقا، لَذتون، ساءَ، لاءَ، لُطف، رَسَ، چَشڪا، چَشَ، چَھر، حظ، ذوق. خوشيون، سرهائيون. موجون. جوڀن، شباب، جوانيون. عيش، عشرت. ڀوڳ، تماشا. سڳنڌ، حِسَ، ڏَپ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Taste, flavor, relish, delight, enjoyment, anything pleasing to the palate or mind. A spectacle, show.
مَزا جا بيتن ۾ حوالا
ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، ماڻِيائِين مَزا،
پَريٽِ کي پَٻَ ۾، ڪارِئو پَنڌُ قَضا،
وَسِ نَہ ويچارِيءَ جي، سَندِي رَبَ رَضا،
مَٿان جانِ جَزا، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 23 ]