ميٺِ جي سنڌي معنيٰ
مِٺاڻ، مٺاس، ميٺاج. شيريني، شِيري. لذت، سواد.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sweetness.
ميٺِ جا بيتن ۾ حوالا
آڻي اُتَرَ ھيٺِ موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِئا،
مَتارا تَنھِن ميٺِ، اَچَنِ، سِرَ سَنباھِيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 16 ]

ھُنَ تاري ھُنَ ھيٺِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ ميٺِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 8 ]

ٿِي ڏِيارِيءَ ڏيٺِ، ڍولو ھَلَڻَ جُون ڪَري،
مَکِئو پَنھِنجِي مَڪُڙِي، چيٺي چَڱيءَ چيٺِ،
رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، جان ڪي جَهِليان بيٺِ،
مُون سين ڪَري ميٺِ، وِئو وَڻِجارو اوھرِي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 8 ]

ڪُڇَنِ آھِيان ڪوٽَ ۾، ڇَنِ نَہ ڇَڄي ھيٺِ،
لوئِيءَ سين لَطِيفُ چئَي، ڀيرِئو ٻَڌان بيٺِ،
ھُتِ سَپَجي اُنَ سَسَنِ جِي، ھِتِ رِڇائِي ريٺِ،
ماڻِيان شالَ مَلِيرَ جِي، مُندائِتِي ميٺِ،
سَرَھِيُون سي سَرَتِيُون، وَطَنِ جَنِي ويٺِ،
ڏيھِيا مُون سين ڏيٺِ، ڪا مَدَتَ ڪِجاھُ ماڙِيين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 25 ]