لوئِيُون جي سنڌي معنيٰ
اوني ڪپڙي جون چادرون، اونا ڪَمبلَ، اونا ڪپڙا، کَٿا، شالون، سالون، اونيون چُنيون، مٿي تي ڍڪڻ جا گرم ڪپڙا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Warm blankets or pieces of woolen clothes used in wrapping round one.
لوئِيُون جا بيتن ۾ حوالا
سُڻُ جٖي اُھِڃَ اُکِتَيانِ، سُومَرا سَندانِ،
لَڪين ٻَڌَنِ لوئِيُون، ٻِئا ويڙِھِيين واھيراَنِ،
سيئِي سَنبِرِئامِ، عُمَرَ آئُون آٽِي مَران.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 22 ]

پَٽولا پَنوَھارِيُون، مُورِ نَہ مَٿي ڪَنِ،
جُھ لاکَ رَچَنِ لوئِيُون، تَہ سالُنِيُون سُونھَنِ،
اُنَ ايلاچَنِئا اَڳرِي، بَخمَلَ بافِتَنِ،
سَکَرَ ڀانيان سُومَرا، کَٿِي کان کُنھِبَنِ،
جَا ڏِنِيمِ ڏاڏاڻَنِ، سا لاھِيندي لَڄَ مَران.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 1 ]