لاڳاپا جي سنڌي معنيٰ
لڳل يا ڳنڍيل هئڻ واريون حالتون، ڳانڍاپا، واسطا، تعلق، ڳنڍ، ناتا، ميلاپ، گَھرائيون، لڳڻ، پيار، موھ، پيوند، ممتا، لڳاءَ، چاھ، سٻنڌ، رَبڀَ. نسبتون، مائٽيون، عزيزپ، رشتيداريون، مِٽِي مائٽيون، ويجهڙائيون، ياراڻيون، عزازتون. لھ وچڙ، رشتا، راھون، نمونا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Attachments, bonds of friendship, relationships, connections.
لاڳاپا جا بيتن ۾ حوالا
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِري وَٽِ سَھائي،
اَچِي پِئا آڳِ ۾، ڪُڏِي سَڀَ ڪاھي،
لاڳاپا لاھي، کاڻا کُوري وِچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 12 ]
اَچِي پِئا آڳِ ۾، ڪُڏِي سَڀَ ڪاھي،
لاڳاپا لاھي، کاڻا کُوري وِچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 12 ]
جَو مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، اَلِفُ اُھو ئِي آھِ،
لاڳاپا لُڙاءِ، تَہ داخِلُ ٿِيين نَہ دالَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 27 ]
لاڳاپا لُڙاءِ، تَہ داخِلُ ٿِيين نَہ دالَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 27 ]
ڪيرُ چُوندو ڪو نَہ چُوندو، تَہ ڪو آھِين اَسانجو،
پِرِين پَرَتين رَبَ کي، ڪَرَ سَفَرَ جو سَعيو،
جانِي ھِنَ جَھانَ مان، وَڃُ لاڳاپا لاھِيو،
آگي پَنھِنجي اِحسانَ سين، ٻانَهنِ تي ٻاجهايو،
بابي بِيبِيءَ فاطِمه جي، بارُ سَڀو بَخِشايو،
”نَفسِي نَفسِي“ سَڀَڪو، ڪَھِيو اُتِ ڪَھَندو،
”اُمَتِي يا اُمَتِي“ ڪَھي، رَسُولُ رَبُ سَندو،
نيزي پاندِ نَمِي، اَلا، سَختِي شَمسُ ڪَرِيندو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ تي، حَضَرت ھَٿَ ڌَرِيندو.
[ سُر سريراڳ، وايون، 10 ]

ڏُورِ مَ تُون ڏورِجِ، صَبُرُ ڪَرِ مَ سَسُئِي،
پُرَڻُ ڇَڏِ پيرَنِ سين، وِھَڻُ وِساريجِ،
سَڌُنِ جا سَيِّدُ چئَي، لاڳاپا لاھيجِ،
ھِنيَين ساڻُ ھَليجِ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 13 ]
پُرَڻُ ڇَڏِ پيرَنِ سين، وِھَڻُ وِساريجِ،
سَڌُنِ جا سَيِّدُ چئَي، لاڳاپا لاھيجِ،
ھِنيَين ساڻُ ھَليجِ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 13 ]
اولاڪَنِ اَچي، مَعذُورِ کي مارو ڪِئو،
وِساريج مَ وَرَ کي، مَنجهان ڪُڙِه ڪَچِي،
لاھي لاڳاپا لَنگِهہ تُون، سيڻَنِ ڏُونھِن سَچِي،
سُپَڪَ ٿِي سُورَنِ سين، پَھچَندِينءَ پَچِي،
مَنجهان راھَ رَچِي، ٿِينديِنءَ لالَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 8 ]

ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ گهُونا گهُونِ ،
ليڙَنِ جُون لَطِيفُ چئَي، تَنگِ تَنوارُون پُونِ،
جَنِ ڏِٺو پيرُ پِرِينءَ جو، سي نَڪِي رُونِ نَہ چُوَنِ،
ھُوندَنِ مَٿي ھُونِ، لاڳاپا ھِنَ لوڪَ جا.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 1 ]
ليڙَنِ جُون لَطِيفُ چئَي، تَنگِ تَنوارُون پُونِ،
جَنِ ڏِٺو پيرُ پِرِينءَ جو، سي نَڪِي رُونِ نَہ چُوَنِ،
ھُوندَنِ مَٿي ھُونِ، لاڳاپا ھِنَ لوڪَ جا.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 1 ]
وِھين ۽ ويلا ڪَرِيين، اِيءَ نَہ اُڪَنڊَ آھَ،
سي لاڳاپا ئِي لاھِ، اورِيان اُڀِيارِينِ جي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 11 ]
سي لاڳاپا ئِي لاھِ، اورِيان اُڀِيارِينِ جي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 11 ]
لاڳاپا لاھِ، لَحظي ۾ لَطِيفُ چئَي،
تِھان پوءِ پُڇاءِ، پِريان سَندو پيچِرو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 12 ]
تِھان پوءِ پُڇاءِ، پِريان سَندو پيچِرو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 12 ]
مُون رَتُ رُنُو ٿي رائي، مُون رَتُ وَھايو ٿي رائي،
کَڻِيو پيرُ پُنهونءَ جو،
جيڪُسِ مُئيءَ جا جيڏِيُون، وِئَڙا لاڳاپا لاھي،
آئُو سُتِي ھُون ھَلِئا، وِئَڙا ڪَرَھَل ڪاھي،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، آرِي وَسِيلو آھي.
[ سُر حسيني، وايون، 19 ]
کَڻِيو پيرُ پُنهونءَ جو،
جيڪُسِ مُئيءَ جا جيڏِيُون، وِئَڙا لاڳاپا لاھي،
آئُو سُتِي ھُون ھَلِئا، وِئَڙا ڪَرَھَل ڪاھي،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، آرِي وَسِيلو آھي.
[ سُر حسيني، وايون، 19 ]
ڪِينَ ٿِيين ڪِي نَہ ڪِئوءِ، وَڃِي ڪِينَ ڪَماءِ،
لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، جوڳِي سَڀَ جَلاءِ،
سامِي پوءِ سَلِينداءِ، ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 29 ]