قَدَمُ جي سنڌي معنيٰ
وک، ٻرانگهہ، ٻرانگ، ٻلانگهہ. پير، پڳ، چَرَن. گام، رفتار. پنڌ، ٽور، روش، هلڻي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A step, pace.
قَدَمُ جا بيتن ۾ حوالا
چارَڻَ چوٿِينءَ راتِ ۾، آءُ نِچُ آھِين جِيءُ،
تُنھِنجو قَدَمُ پَدَمَ نَہ پاڙِيان، اَچِي ٿِيءُ جَمِيعُ،
دانَ دَلُوچا دِلِ وَڻِيا، وَٺِي راضِي ٿِيءُ،
ھِينئَرَ اَٿِئِي ھِيءُ، صُبحِ سَوايو ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 4 ]
تُنھِنجو قَدَمُ پَدَمَ نَہ پاڙِيان، اَچِي ٿِيءُ جَمِيعُ،
دانَ دَلُوچا دِلِ وَڻِيا، وَٺِي راضِي ٿِيءُ،
ھِينئَرَ اَٿِئِي ھِيءُ، صُبحِ سَوايو ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 4 ]
اِيءُ ڪيھَرِ جو ڪَمُ، جِيئَن ھاٿِيءَ جو ھَڏُ گهُري،
نِھوڙي ناڀُنِ سين، دَمائيسِ نَہ دَمُ،
ڪِلي ويرَ قَدَمُ، کوڙي پَرَ کَڻي نَھِين.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 8 ]
نِھوڙي ناڀُنِ سين، دَمائيسِ نَہ دَمُ،
ڪِلي ويرَ قَدَمُ، کوڙي پَرَ کَڻي نَھِين.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 8 ]
ھَٿين پيرين مُونَڙِيين پُري پَنڌُ پَرَکُ،
قَدَمُ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ ڏي، وِجُهہ وَڌَندِي وِکَ،
جي ھُونَئِي ھوتَنِ لَکَ، تَہ پَڙِجِ ڪومَ پُنهونءَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 18 ]
قَدَمُ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ ڏي، وِجُهہ وَڌَندِي وِکَ،
جي ھُونَئِي ھوتَنِ لَکَ، تَہ پَڙِجِ ڪومَ پُنهونءَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 18 ]
English Meaning
A step, pace.