شَرَفُ جي سنڌي معنيٰ
عزت وارو ٿيڻ، ھڪ اتم درجو، فوقيت، ترجيح. بزرگي، ڀلائِي. بُلندي. عزت، شان، مان، آبرُو، فخر، جَس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dignity, honour, nobility, rank, glory, eminence, excellence, highness of rank, exaltation, grandeur.
شَرَفُ جا بيتن ۾ حوالا
سُلطانِي سُلطانُ، ڪَلَنگِيُون جَنِ ڪَپارَ ۾،
ڪيڏو شَرَفُ قُرآنَ ۾، شاھَ تُنھِنجو شانُ،
ڪوٺي ڪَربَلا ۾، مارِيائُون مِزمانُ،
مُنھَن ڪاري مَروانُ، لَعنَتَ لِکِي لَعِينَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 3 ]
ڪيڏو شَرَفُ قُرآنَ ۾، شاھَ تُنھِنجو شانُ،
ڪوٺي ڪَربَلا ۾، مارِيائُون مِزمانُ،
مُنھَن ڪاري مَروانُ، لَعنَتَ لِکِي لَعِينَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 3 ]
توڏَنِ تان نَہ تَنوارِئو، مُنھِنجو لالَڻُ وارِئو،
اللهَ مِيان ڪارَڻِ اَئِين اوٺِيا،
ميندِيءَ موڙَ مَلِيرَ جا، چانگَنِ کي سَڀَ چارِئو،
شَرَفُ لَھي سَسُئِي، ڪُٺِل کي ڪَمُ ڪارِئو.
[ سُر معذوري، وايون، 4 ]