شَبانَ جي سنڌي معنيٰ
ڌڻارُ، ڌنارُ. ڌڻ جو چاريندڙ ۽ سنڀاليندڙ. ڌڻ جو راکو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Shepherd, pastor.
شَبانَ جا بيتن ۾ حوالا
لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي لهسِئو،
اُڀَنِ مَنجهان آيو، ھئَي ھئَي جو ھُڳاءُ،
طَيُورَنِ تَنوارِئو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ،
رَسِئو سُورُ شَبانَ کي، وُحُوشَنِ وَٽاءُ،
مِروئَنِ مَوتُ قَبُولِئو، اَپَرِ اَفسوساءُ،
بَرَ پُڻ ڪَنِ بُڪاءُ، اُڪَنڊِئا آرِيءَ لَئي گهَڻو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 12 ]

جُھ يارُ ڏٺائُون يارَ جو، تَہ پُٺِيءَ پيرُ ڪَڙِينِ،
ڦِرِئا نَہ فَرمانَ کان، اُنِهِي ۾ آھِينِ،
ڏِسِئو نَہ ڏاڙِهينِ، شَبانَ جي سَڳَ کي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 16 ]
ڦِرِئا نَہ فَرمانَ کان، اُنِهِي ۾ آھِينِ،
ڏِسِئو نَہ ڏاڙِهينِ، شَبانَ جي سَڳَ کي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 16 ]
English Meaning
Shepherd, pastor.