سَنواري جي سنڌي معنيٰ
سڌاري، ٺاهي، بنائي، درست ڪري، ٺيڪ ڪري، سنئين نموني آڻي، اصلاح آڻي، ترتيب سان لڳائي، سڌو ڪري، هموار ڪري، جوڙي، سينگاري، سجاوٽ ڪري، سجائي، آرائش ڪري، سجلائي، زينت ڏئي، سهڻو بنائي، باقاعدي هلائي، سڌو ڪري. مُلهہ وڌائي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To arrange, adjust, put in order, beautify, adorn, ornament, put to rights, regulate.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
سَنواري جا بيتن ۾ حوالا
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي صاحِبُ سَنواري،
دَنگِي اِنَ دَرياھَ ۾، ھَلائي ھاڪاري،
طَرازُون تاري، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 20 ]
دَنگِي اِنَ دَرياھَ ۾، ھَلائي ھاڪاري،
طَرازُون تاري، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 20 ]
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي سَنواري صاحِبُ،
ڪَڍي اُونِهي ڪُنَ مان، اِيءُ آگي جو عَجَبُ،
اِيءُ سائِينءَ جو سَبَبُ، جِيئَن ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ مان.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 21 ]