سَخاوَتَ جي سنڌي معنيٰ
سخا، بخشش، دان، خيرات، فياضي، فراخ دلي، درياه دلي، ڪشاده دلي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Generosity, liberality.
سَخاوَتَ جا بيتن ۾ حوالا
ڏَڏُ وَڏو گهُري، ھوتاڻِيءَ ھَٿان،
سَمي سَخاوَتَ جو، گِيرَبُ نَہ گاءُ،
جاءُ وَھِلو آءُ، ڏي ڏانُ ڏَڏَنِ کي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 12 ]
سَمي سَخاوَتَ جو، گِيرَبُ نَہ گاءُ،
جاءُ وَھِلو آءُ، ڏي ڏانُ ڏَڏَنِ کي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 12 ]
جَي تُون آسائو آھِين، وانءُ پانڊَپَ پاسِ،
گهوڙا ھِيرَوَ ھَٿِيا، وَٺِي آءُ وَٽانسِ،
پَريندي پِئاسِ، سُتِي سَخاوَتَ جِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 19 ]
گهوڙا ھِيرَوَ ھَٿِيا، وَٺِي آءُ وَٽانسِ،
پَريندي پِئاسِ، سُتِي سَخاوَتَ جِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 19 ]
سَمُو سَخاوَتَ جِي، اُڀو پُڇي پَرِ،
ڪوٺي ڪَنگالَنِ کي، ڏي دِلاسو دَرِ،
مَٿي وِلَهنِ وَرِ، ڏِھاڙِي ڏاتارَ جِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 14 ]
ڪوٺي ڪَنگالَنِ کي، ڏي دِلاسو دَرِ،
مَٿي وِلَهنِ وَرِ، ڏِھاڙِي ڏاتارَ جِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 14 ]
English Meaning
Generosity, liberality.