ساکَ جي سنڌي معنيٰ
سچائي جي ثابتي، قسمي ڳالهہ. نالو، ناموس، آبرو، نيڪنامي، ايمانداري، اعتبارُ، ويساھُ، پت. روشني، سوجهرو، باک. اکين ڏٺي احوال جي گواهي، قسم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Affirmation, a solemn declaration to speak truth. Evidence, testimony. Reputation, honestly, honor, credit.
ساکَ جا بيتن ۾ حوالا
کاري کيڙائُو، بِرھَ بُوبُ بَناءِ،
قُلْ هُوَ الرَّحْمَٰنُ آمَنَّا بِهِ ، ساڄا سِڙَه سباءِ،
پَنجَ پَڳَھَ ٽِيھَ اولِيُون، لاڄُو سَڀَ لَڳاءِ،
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، کُوھا خُوبُ کَڻاءِ،
تَہ سامُونڊِي سَندِياءِ، سَچِي ساکَ اُبَھي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 24 ]

ٻاوِيھين ٻاڻُ لَڳو، آديسِيَنِ اَچِي،
ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، مَنجهان مَچَ مَچِي،
لانگوٽِئا لالُ ٿِئا، اِنَهِينءَ پَهِہ پَچِي،
ھَلِئا وِئا ھِنگِلاچَ ڏي، راوَلَ راتِ رَچِي،
ڪَرِئو ساکَ سَچِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 22 ]

اٺاوِيھِينءَ اُنِ کي، سَندِي پَنڌَ پَچارَ،
سامِيَنِ سازَ سَنوان ڪِئا، تَندُ وَڄائِينِ تارَ،
ڪَنِ مَدائِي ڪانَہ ڪا، موچارا مَڻِيارَ،
پاڻُ پَلِيتِيءَ کان پَلي، ٿِئا ڌُريائِين ڌارَ،
اِھڙِيءَ ساکَ سَچارَ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 28 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ڪُتا ڪِيمَ بَهاءِ،
مَڙِهيءَ ۾ ماٺِ ڪَري، ويھِي تَندُ وَڄاءِ،
سامِي ساکَ سَندِياءِ، پُورَڀِ ٿِيي پَڌِرِي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 7 ]