ساٿَر جي سنڌي معنيٰ
دوا، علاج، دارون، سُتي. پسارڪي وکر جو هڪ قسم، دَوا طور ڪم ايندڙ هڪ ٻوٽي جو نالو. ھن ٻوٽِيءَ جا ٻہ قسم ٿيندا آھن. 1: جبلي 2: بَري.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
ساٿر: (ع: سعتر، صعتر) ھڪ قسم جي ٻُوٽي آھي جنھن جا پن ذائقي ۾ تيز ٿيندا آھن ۽ گهڻين بيمارين لاءِ مفيد آھن. ھِتي ”مفيد دوا“.
ذريعو:شاھ جو رسالو - ھوتچند مولچند گربخشاڻي
English Meaning
The leaves of a plant used in medicine Organoid. Medicine, drug medication.
Oregano is a species of flowering plant in the mint family Lamiaceae. It was native to the Mediterranean region, but widely naturalized elsewhere in the temperate Northern Hemisphere.
ساٿَر جا بيتن ۾ حوالا
اورِ ڏُکندو اُو ٿِئي، ھادِي جَنھِن حَبِيبُ،
تِرُ تَفاوَتُ نَہ ڪَري، تَنھِن کي ڪو طَبِيبُ،
رَھنُما رَقِيبُ، ساٿَر آھي سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 4 ]
تِرُ تَفاوَتُ نَہ ڪَري، تَنھِن کي ڪو طَبِيبُ،
رَھنُما رَقِيبُ، ساٿَر آھي سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 4 ]
ساٿَر صِحَتَ سُپِرِين، آھي نَہ آزارُ،
مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِئي، ڪوٺِيندي قَھارُ،
خَنجَرُ تَنھِن خُوبُ ھَڻِي، جَنھِن سين ٿِئي يارُ،
ساجَنُ رَبُ سَتارُ، سوجهي رَڳُون ساھَ جُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 5 ]