سالِڪَ جي سنڌي معنيٰ
درويش، خدا دوست، پھتل، شخص، عابد، مقدس، مھاتما، ولي، اولياء. پابند شرع، عالم. اديب. سنت، پوڄاري. ساڌ، ٻُڌ جھڙو، سنت جھڙو، ساڌڪو. سلوڪ وارو، سلوڪ ڪندڙ. مسافر، سيلاني، پانڌياڙو، حال جي زور تي طريقت جون منزلون طئي ڪندڙ صوفي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Saint, saint like, scholar, peer, hermit of the rocks, a wise man
سالِڪَ جا بيتن ۾ حوالا
پاٺُ پِھرِينءَ راتِ ۾، ڳَڙَه پاسي ڳايو،
پِئو غُلغُلو گِرنارَ ۾، اِي عَطائِي آيو،
سالِڪَ سازَ سُرودَ سين، ڪِي جَو ڪَمايو،
ٻِيجَلَ ٻولايو، آھي سِرَ سُوالِي مَڱِڻو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 1 ]
پِئو غُلغُلو گِرنارَ ۾، اِي عَطائِي آيو،
سالِڪَ سازَ سُرودَ سين، ڪِي جَو ڪَمايو،
ٻِيجَلَ ٻولايو، آھي سِرَ سُوالِي مَڱِڻو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 1 ]
پِئو جو پاتارِ، سو ڪِيئَن پُسَڻان پالهو رَھي،
سالِڪَ مُون سيکارِ، ڪو پَھُ اِنَهِينءَ پاندَ جو.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 3 ]
سالِڪَ مُون سيکارِ، ڪو پَھُ اِنَهِينءَ پاندَ جو.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 3 ]
ڇَھِينءَ راتِ ڇَڪايو، سالِڪَ سوري سازُ،
ڳايائِين ڳَڙَه گِرنارَ ۾، ڪَري آڳَھَ سين آوازُ،
صَلاحَ جو سَيِّدُ چئَي، اَٿُون راجا توسين رازُ،
سُڀاڻي سَرفَرازُ، مِيان ڪَندو مَڱڻين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 6 ]