جَھازُ جي سنڌي معنيٰ
تجارت جو سامان لڏيندڙ وڏي ٻيڙي. ٻيڙو، غوراب، آگبوٽ جھاز جا ڪيترائي قسم آهن، هوائي جھاز، ٽوٻو جھاز بحري جھاز.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A ship.
جَھازُ جا بيتن ۾ حوالا
اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين،
سُتي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، يادِ نَہ ذَرو ڪِئوءِ،
غافِلُ ٿِي غُرابَ کي، اوڙاھَ تي آندوءِ،
ڇِتَرُ ڇُھي کان رَکِين، جَو پِئو پُراڻو پوءِ،
جَھازُ ضَعيفَنِ جو، پاڻِيءَ ۾ پَرتوءِ،
سَيِّدَ ساٿُ سَندوءِ، پُرِبَندَرِ پَھائِيين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 11 ]

ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي ڪَري جوڙَ جَبارُ،
پاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري آڌارُ،
جَھازُ جَوھَرِيءَ جو، تَنھِن کي ڀَئُہ مَ ڏي ڀَتارُ،
جيڏاھَن مُنھُن مَدِيني جو، سُڄي مُحَّمَدُ موچارُ،
نَنڍا وَڏا مَڪُڙا، سَڀَ پَسَندا پارُ،
سَٻاجهو سَتارُ، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 24 ]

جُهونُو ٿِئو جَھازُ، سَٽَ نَہ سَھي سِڙَه جِي،
پَڳهَہ پُراڻا ٿَئا، سَڙِيو سَڀوئِي سازُ،
مُعلَمُ ٿِئو مُحتاج، ٻيڙو وَسِ ٻِيَنِ جي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 10 ]
پَڳهَہ پُراڻا ٿَئا، سَڙِيو سَڀوئِي سازُ،
مُعلَمُ ٿِئو مُحتاج، ٻيڙو وَسِ ٻِيَنِ جي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 10 ]
English Meaning
A ship.