جَڙاءُ جي سنڌي معنيٰ
هيرن، موتين وغيرہ جي جَڙَ يا پوچُ ، جڙاوت. چِٽَ ، گُلَ ڳھڻن تي ، ميناڪاري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Jewels. studded in ornaments, settings.
جَڙاءُ جا بيتن ۾ حوالا
جوڳِيءَ تي جَڙاءُ، نِسورو ئِي نِينھَن جو،
پَتَنگَ جِيئَن پَيدا ٿِئو، سامِي سِڄَ وَڙاءُ،
آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِنِ ڪَڪورِئو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 11 ]
پَتَنگَ جِيئَن پَيدا ٿِئو، سامِي سِڄَ وَڙاءُ،
آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِنِ ڪَڪورِئو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 11 ]
سَڀَيئِي سُھاڳَڻِيُون، سَڀَنِي مُنھِن جَڙاءُ،
سَڀَ ڪَنھِن ڀانيو پاڻَ کي، اِيندو مُون ڳَرِ راءُ،
تان پيٺو تَنِ دَران، جي پَسِي پاڻُ لَڄايُون.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 28 ]
سَڀَ ڪَنھِن ڀانيو پاڻَ کي، اِيندو مُون ڳَرِ راءُ،
تان پيٺو تَنِ دَران، جي پَسِي پاڻُ لَڄايُون.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 28 ]
English Meaning
Jewels. studded in ornaments, settings.