تَقاوَتَ جي سنڌي معنيٰ
خدا جو خوف رکڻ، تقويٰ، تُقاة، ڌڻيءَ جو خوف، پرهيزگاري، تَقاوَتَ، سنڌي، پرهيزگاري. دينداري. خدا ترسي. عبادت
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Worship, fear of God, adoring, chastity
تَقاوَتَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري،
گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثَوابَ،
نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،
خُدِيائِي خُوبُ ٿِيين، لائِيين جَي لُعابَ،
پَلِيتو ئِي پاڪُ ٿِيين، جُنُبِئو مَنجِهہ جُنابَ،
ھادِيءَ سين ھُنَ پارَ ڏَي، ريڙِيين ساڻُ رِڪابَ،
چَنبو وِجِهي چورَ جِيئَن، آئُون ڇَڙِ عُقابَ،
دِيدُ وِڃايُمِ دوسِتَ جو، ھَلِي مَنجِهہ حِجابَ،
ڪَسرَتَ آھي قُرِبَ ۾، اِدغا ۾ اِعرابَ،
سو نَہ ڪَنھِن شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِهہ تُرابَ،
جٖي جَهرَڪِئا جَرَ تي، اِيءَ تانْ سَڀَ حُبابَ،
فَنا وِجَهندَءِ فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيءُ ڪَبابَ،
ڏي طَھُورا تَنِ کي، جٖي سِڪَنِ لَئي شَرابَ،
مُٺِيءَ ڪِئا مَرضَ ۾، ياوَھ سَڀَ جَوابَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 1 ]