بِسۡمِ اللهِ جي سنڌي معنيٰ
” آڌرڀاءُ جو جملو بمعني ”ڀلي آئين، مرحبا!“. بِسمِ الله الرحمَنِ الرحِيم“ جا پھريان لفظ، ”الله جي نالي ساڻ“. قرآن مجيد جي هر سورة جي اڳيان ايندڙ ڪلمو. شروعات، ابتدا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Greetings words. Welcoming words. Initial words of every chapter in Holy Quran.
بِسۡمِ اللهِ جا بيتن ۾ حوالا
نازَ مَنجهاران نِڪِرِي، پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ،
ڀُون پُڻ بِسۡمِ اللهِ چَيو، راھَ چُمي ٿِي رَندُ،
اُڀيَنِ گهَڻو اَدَبَ ۾، وَٺِئو حُورُون ھَنڌُ،
سائِينءَ جو سوڳَندُ، ساجَنُ سَڀَنِئان سُهِڻو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 11 ]
ڀُون پُڻ بِسۡمِ اللهِ چَيو، راھَ چُمي ٿِي رَندُ،
اُڀيَنِ گهَڻو اَدَبَ ۾، وَٺِئو حُورُون ھَنڌُ،
سائِينءَ جو سوڳَندُ، ساجَنُ سَڀَنِئان سُهِڻو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 11 ]
نُونَئُون نانِيءَ ھَلِئا، سامِي سَڀَيئِي،
اُڪَنڊَ ۾ آديسَ جِي، وِھَڪَ تَنِ ويئِي،
سَناسِي سِڪَ ۾، اوتِينِ ارتوئِي،
لَاْ تَتَحرَڪُ ذَرَةُ اِلَّا بِاذِنِ اللهِ ، وسرِيَنِ ٻِي وائِي،
راوَلَ رِيجهائِي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 25 ]
اُڪَنڊَ ۾ آديسَ جِي، وِھَڪَ تَنِ ويئِي،
سَناسِي سِڪَ ۾، اوتِينِ ارتوئِي،
لَاْ تَتَحرَڪُ ذَرَةُ اِلَّا بِاذِنِ اللهِ ، وسرِيَنِ ٻِي وائِي،
راوَلَ رِيجهائِي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 25 ]
English Meaning
Greetings words. Welcoming words. Initial words of every chapter in Holy Quran.
بِسۡمِ اللهِ ٻول جا زمرا