بُرفَتَ جي سنڌي معنيٰ
سنڌ ۽ لس ٻيلي جي ڪوهستاني علائقن ۾ رهندڙ قبيلي جو نالو. جابلو جوان طور مشھور ٿيل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The name of a tribe living in the Kohistan regions of Sindh and Las Bela, famous as braves of mountains.
بُرفَتَ جا بيتن ۾ حوالا
جَبَلُ جيڏو ئِي آڏو آرِيچَنِ کي،
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بُرفَتَ بِروھِي،
رِڃُنِ ۾ روئِي، پَسان شالَ پُنهونءَ کي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 12 ]
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بُرفَتَ بِروھِي،
رِڃُنِ ۾ روئِي، پَسان شالَ پُنهونءَ کي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 12 ]
جَتَ نَہ ڀائِي رَتَ، ڌارِيان ڌارِئِين ڏيھَ جا،
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بِروھِي بُرفَتَ،
اُنِ جا مَٿي واڳُنِ ھَٿَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُوئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 12 ]
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بِروھِي بُرفَتَ،
اُنِ جا مَٿي واڳُنِ ھَٿَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُوئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 12 ]
English Meaning
The name of a tribe living in the Kohistan regions of Sindh and Las Bela, famous as braves of mountains.
بُرفَتَ ٻول جا زمرا