اُتو جي سنڌي معنيٰ
چيو، ڪھيو، ڌايو (اُتڻ جو ماضي مطلق)
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Said, told
اُتو جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جَنِ اُتو سين اِيمانَ،
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 4 ]

جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، نِيو آرِياڻِيءَ اَرواحُ،
اَنگُ اَڳھَيِن لِکئِو، مُنھِنجو مِيثاقا،
مَنْ طلَبَ شَیئاً وَ جَدَّ وَجَدَ ، اُتو عَلِيءَ شاھَ،
اَڃا ھِنَ حَدِيثَ جو، مُون کي آسِرو آھِ،
پُنهونءَ جي پَيغامَ تان، مُنھِنجو مَوتُ مُباحُ،
سَرَتِيُون دُعا ڪِجا، مَنَ ميڙائو مُون ٿِئي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 1 ]