اُبَتِ جي سنڌي معنيٰ
اُبتي پاسي، ٻئي پاسي، پُٺِ. اُلَٽِ، اُبتائِي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
On the other side, the back. Inverted, obtuse.
اُبَتِ جا بيتن ۾ حوالا
اَھُکِي راھَ اللهَ جِي، اَھُکِي اَھُکِيءَ ڀَتِ،
ھُو جي ڏِھائِي ڏيھَ جا، تَڻِ پُڻ مُنجهي مَتِ،
آڇاڙانِ اُبَتِ، گِهڙجِ گهاٽيِ نِينھَن سين.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 16 ]
ھُو جي ڏِھائِي ڏيھَ جا، تَڻِ پُڻ مُنجهي مَتِ،
آڇاڙانِ اُبَتِ، گِهڙجِ گهاٽيِ نِينھَن سين.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 16 ]
ڪاپي مان ڪِينَ ٿِئو، جان ڀيرِئُمِ ڀَلِيءَ ڀَتِ ،
سُڌِ نَہ آيَمِ سُٽَ جي، پاڻان موڙِھِئَمِ مَتِ،
اَندَرِ وَھي اُبَتِ، سُپيرِيان جي ڳالِهڙِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 28 ]
سُڌِ نَہ آيَمِ سُٽَ جي، پاڻان موڙِھِئَمِ مَتِ،
اَندَرِ وَھي اُبَتِ، سُپيرِيان جي ڳالِهڙِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 28 ]
ڦَيرِ مَ تُون اُبَتِ، کَڻُ سُبتِيُون سُپِرِين،
مُون کي موھي جَنِ سين، ماري ڳيڙِيَئِي مَتِ،
اِيءَ پِرِين تُنھِنجِي پَٽِ، ھاڻِ جَڏو جِيئي نَہ مَري.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 3 ]
مُون کي موھي جَنِ سين، ماري ڳيڙِيَئِي مَتِ،
اِيءَ پِرِين تُنھِنجِي پَٽِ، ھاڻِ جَڏو جِيئي نَہ مَري.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 3 ]
English Meaning
On the other side, the back. Inverted, obtuse.