ايڏو جي سنڌي معنيٰ
ايترو وڏو. اِنهيءَ جيترو. انهيءَ جيڏو.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
So large, so great. So very large.
ايڏو جا بيتن ۾ حوالا
بَندَرِ جانۡ ڀَئِي، سُکاڻِئا مَ سُمهو،
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري، ماٽي مَنجِهہ مَھِي،
ايڏو سُورُ سَھِي، نِنڊَ نَہ ڪِجي ناکُئا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 4 ]
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري، ماٽي مَنجِهہ مَھِي،
ايڏو سُورُ سَھِي، نِنڊَ نَہ ڪِجي ناکُئا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 4 ]
ھئَي ھئَي حادِثو، ھوتَ ھَلَندي جو ڪِئو،
ايڏو ڪَرٽُ قُلُوبَ ۾، ڪَڏِھِين ڪو نَہ پِئو،
مَرَڻُ ماڳِ ٿِئو، نِڌَڪَ ساھُ نَہ نِڪِري.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 28 ]
ايڏو ڪَرٽُ قُلُوبَ ۾، ڪَڏِھِين ڪو نَہ پِئو،
مَرَڻُ ماڳِ ٿِئو، نِڌَڪَ ساھُ نَہ نِڪِري.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 28 ]
ڪوجو ڪَٽَرُ ڪاڪِ مان، راڻي کي رَھِئو،
ماڳِ نَہ اَچي مَينڌَرو، ايڏو سُورُ سَھِيو،
موٽِي تَنھِن مَحلاتَ ۾، وَري تان نَہ وِئو،
ڪوجو قَلَمُ وَھِيو، سو مِٽِئان ڪِيئَن مَينڌَراَ.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 28 ]