اورِئو جي سنڌي معنيٰ
ڏک سُک جو احوال ڏنو، سُورَ بيان ڪيا. دل جو حال ڏيڻ ڳجهي ڳالهہ ڪئي. حال بيان ڪيو. حال ونڊيو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Talk over one’s misfortunes, told, telling. Informing.
اورِئو جا بيتن ۾ حوالا
ڀَنڀوران اُجاڙَ، سَرَتِيُون سَکَرُ ڀانيان،
مُون سين تَنھِين پاڻَ، ڏُکان ھَڏِ نَہ اورِئو.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 7 ]
مُون سين تَنھِين پاڻَ، ڏُکان ھَڏِ نَہ اورِئو.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 7 ]
ڏُٻَرِيُون ڏُھاڳَڻِيُون، ميرا مُنھَن سَندانِ،
ويھِي وَرَ سيڻانِ، ڪانڌَ نَہ اورِئو ڪَڏِھِين،
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 21 ]
ويھِي وَرَ سيڻانِ، ڪانڌَ نَہ اورِئو ڪَڏِھِين،
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 21 ]
ڏُکارو ڏُونگرُ، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين،
پَٻَ اورِئو ٿي پانھِنجو، اُنِهين سين اَندَرُ،
ڇورو ٿِئو ڇَپَرُ، ڀيرو کاھوڙِيَنِ ڀَڳو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 19 ]
پَٻَ اورِئو ٿي پانھِنجو، اُنِهين سين اَندَرُ،
ڇورو ٿِئو ڇَپَرُ، ڀيرو کاھوڙِيَنِ ڀَڳو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 19 ]
English Meaning
Talk over one’s misfortunes, told, telling. Informing.