آيَتَ جي سنڌي معنيٰ
قرآن شريف جو هڪ جملو يا فقرو. نشاني، علامت. نصيحت. مثالُ. معجزو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Verse, sign, miracle, symbol.
آيَتَ جا بيتن ۾ حوالا
پوکَ جَا پَڙَهڻَ جِي، ”لا“ سين وِجُهہ لُڻِي،
لَمْ یَڪُنِ الَّذِیْنَ ڪَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْڪِتابِ ، آگي آيَتَ موڪِلِيِ ڌُرِيائيِن ڌُڻِي،
اِھا سِٽَ سُڻِي، مُون وَرَقَ سَڀَ وِسارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 29 ]

خييَئُون خَشيَتَ خَوفَ ۾، ڪِئائُون ڪِيني کي قَتَلامُ،
ڊِڄِئو ڊاءِ اللهَ جي، ڪوجهو ڪَنِ نَہ ڪامُ،
آئِي اُنَ جي بابَ ۾، آيَتَ اِيءَ اِنعامُ،
اِنَّ الَّذِیْنَ یَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَیْبِ ، پَرُوڙِجِ پَيغامُ،
خَطِرو لاھي خامُ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 7 ]

الِفَئُون آديسِيَنِ کي، سَدا سُورَ چُرَنِ،
اَندَرِ تَنِ آديسَ جا، مَحَبتَ مَچَ ٻَرَنِ،
اُلُفَتَ عَزِيرِي ناھِ ڪا، نَڪِي جَهنگِ ھَلَنِ،
اَللهُ لَطِيفٌ بِعِبَادِهِ يَرْزُقُ مَنْ يَشَاءُ ، آيَتَ اِيءَ پَڙَهنِ،
سَناسِي سَهڙَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 29 ]