ڳاڙِھو جي سنڌي معنيٰ
ڳاڙهي رنگ وارو، لال، رتو، سرخ، رتائون، گلابي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Red, like blood, reddish.
ڳاڙِھو جا بيتن ۾ حوالا
ڳاڙِھو ئِي ڳاڙِھو، ڪارو پَسَنِ ڪِينَڪِي،
اَکَڙِيُنِ آرو، وَڃِي ڪِئو لاکَ سين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 39 ]
اَکَڙِيُنِ آرو، وَڃِي ڪِئو لاکَ سين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 39 ]
ڪَڏِھِين مَڙُه مُقامَ ۾، ڪَڏِھِين ڳاڙِھو گهوٽُ،
سَندو وارِيءَ ڪوٽُ، اَڏِئو اَڏِيندين ڪيتِرو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 20 ]
سَندو وارِيءَ ڪوٽُ، اَڏِئو اَڏِيندين ڪيتِرو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 20 ]
نَظَرُ اَکَڙِيُنِ، وَڃِي پِئو لاکَ تي،
ڪارو ڪِينَ پَسَنِ، مِڙيوئِي ڳاڙِھو ٿِئو.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 38 ]
ڪارو ڪِينَ پَسَنِ، مِڙيوئِي ڳاڙِھو ٿِئو.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 38 ]
ھاڙھو ڳاڙِھو ھوتَ، ڪيچِي ڪالَهہ لَنگهي وِئا
سِڪَ ٻاروچي نَہ لَھي مَٿي تائِين مَوتَ،
لَڳَندي لَڪَنِ ۾، پاڻان ٿِيَس پوتَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، ھِتِ ھُتي جا ھوتَ،
ڏِيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَري، تَوِھِين ڪارَڻِ جهوتَ.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 8 ]