ڪَڙي جي سنڌي معنيٰ
در جي طاقن کي سوگهي ڪرڻ لاءِ ڪنڍي، تاڙي. زنجير جي ھڪ بڻيادي حصي. ٻيڙي وجهڻ لاءِ ڪاڄ، ڪاز.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A wicker or reed frame for doors, walls etc. A hurdle. A mat of woven wattles placed in bottom of boats.
ڪَڙي جا بيتن ۾ حوالا
ڪَڙِھي ۽ ڪَڙي، پَرِ ۾ پيرُ پُنهونءَ جو،
سِڪَ ٻَڌائِين سَندِرو، جانِبَ لاءِ جَڙي،
لَڪَنِ سِرِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ جهيڙي ۽ جَهڙي،
پَڻِيءَ تان نَہ پَڙي، جَي عُمِرِ سَڀَ اِيئَن ڪَري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 20 ]
سِڪَ ٻَڌائِين سَندِرو، جانِبَ لاءِ جَڙي،
لَڪَنِ سِرِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ جهيڙي ۽ جَهڙي،
پَڻِيءَ تان نَہ پَڙي، جَي عُمِرِ سَڀَ اِيئَن ڪَري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 20 ]
جِيئَن ڪَڙو مَنجِهہ ڪَڙي، سو لُھارَ لَپيٽِئو،
مُنھِنجو جِيءُ جَڙي، سُپيرِيان سوگهو ڪِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 7 ]
مُنھِنجو جِيءُ جَڙي، سُپيرِيان سوگهو ڪِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 7 ]
ھييَئُون حَرَفُ حِسابَ جو، پَسَڻُ ٿِيُنِ پَري،
وَڃِي وَحدانِيَتَ ۾، ھَلَنِ پِيرَ ڀَري،
ڳُجَهہ اَندَرَ جُون ڳالِهيُون، ڪَنھِن سين ڪِينَ سَري،
لَاْ يَفُوْتُ وَ لَاْ يَمُوْتُ ، سامِيَنِ ڪِينَ سَري،
ڪَڙو مَنجِهہ ڪَڙي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 27 ]

عُمَر آندِي مارِئُي، مَٿان تَڙَ تَڙي،
جُسو زَنجِيرُن ۾، راتو ڏِينھَن رَڙي،
قَيدَنِ مَنجِهہ ڪَڙي، سَڱَ نَہ وَٺِجَنِ سُومَرا.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 11 ]