ڪَوڙا جي سنڌي معنيٰ
تِکا، کارا، ترش، ڪَڙا، اُگِرا، ٻاڙا. کھرا، سخت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Bitter, fiery, hot as pepper, surly.
ڪَوڙا جا بيتن ۾ حوالا
ھُنَ تاري ھُنَ ھيٺِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ ميٺِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 8 ]
سَڄَڻَ ماکِيءَ ميٺِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 8 ]
ھُنَ تاري ھُنَ ھَنڌِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ مَندِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 9 ]
سَڄَڻَ ماکِيءَ مَندِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 9 ]
ھُنَ تاري ھُنَ جاءِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ ساءِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 10 ]
سَڄَڻَ ماکِيءَ ساءِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 10 ]
راتِيان ڏِينھان رُوحَ ۾، ٿِي لوچان لالَڻَ لاءِ،
سِڪَ پِريان جِي سَيِّدُ چئَي، اَندَرِ مُون نَہ ماءِ،
ڪَڏِھِين قاتلان ڪَوڙا پِرِين، ڪَڏِھِين مِٺا ماکيءَ ساءِ،
ڪَڏِھِين مُڙَنِ ميڻَ جِيئَن، ڪَڏِھِين لوھَ پِہ ناھي جاءِ،
ڪَڏِھِين کَڻِنَ عَينَ اِحسانَ جا، ڪَڏِھِين ڪَھَلَ نَہ پَوينِ ڪا،
ڪَڏِھِين پِرِين پَٽائِين ڪُنئَرا، ڪَڏِھِين ڏاڍا ڏُونگَرَ کان،
عَجَبَ جِھَڙِي آھِ، صُحبَتَ سُپرِيَنِ جِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 23 ]