ڪورِينِ جي سنڌي معنيٰ
ڪپي ڇڏينِ، وَڍَينِ. هڏي وغيرہ تان ڪپ سان ماسُ لاهِڻ، ڇِلَڻ، کُرڙڻ، کَلَ لاهڻ. وڍَڻ، ڪَپَڻ، ڪاٽڻ، ڪَٽڻ. لَسو ڪرڻ، سِڌائي ڪرڻ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
To scrape out, to hake out, to cut
ڪورِينِ جا بيتن ۾ حوالا
وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ سين اورِينِ،
ھِنيُون حَقِيقَتَ گَڏِئو، طَرِيقَتَ تورِين،
مَعرِفَتَ جِيءَ ماٺِ سين، ڏيساندَرَ ڏورِيِن،
سُکَ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، ويھِي نَہ ووڙِينِ،
ڪُلَھَنِئُون ڪورِينِ، عاشِقَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 9 ]

پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، ڪِي وَسَ واھُوندَنِ،
لَٿو سِيءُ لَطِيفُ چئَي، ٻَڌو ڦَنُ ڦَرَنِ،
پائُرِ ڏِنِيُون پُٺِيُون، نَنڍَن نوراپَنِ،
عُمَرَ اُنَ اَگُوندَرِي، پاسي ڪانڌَ ڪَتَنِ،
اُوءِ ٿا ڪورِينِ ڪُؤَنرِي، سَرَتِيُون مَٿان سَسَنِ،
کائُرِ کَٿِيُون خاصِيُون، اوڄي اُتِ اَچَنِ،
ڪَڍِئو پيڻُ ڪَھَنِ، مَلِيرِ گُهرِجي مارُئِي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 7 ]