ڏِسَڻَ جي سنڌي معنيٰ
نھارِڻ، نظر ڪرڻ، پَسَڻ، جاچڻ، تَپاسِڻ، ويکڻ، وائِسَڻ، تَڪِڻ، ڀاسِڻ، واچِڻ، جُوچڻ. ديدار ڪرڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Seeing, looking.
ڏِسَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
ڏِسَڻَ ڪَرَ ڏارِي، اَندَرِ سَتِي سَسُئِي،
اِنهين پَرِ آرِي، ڪانڌُ ڪَمِيڻِيءَ کَٽِئو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 12 ]
اِنهين پَرِ آرِي، ڪانڌُ ڪَمِيڻِيءَ کَٽِئو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 12 ]
مَڇُڻ ٿِيين مَلُورَ، ڪِينَ اَڳاھِين، آھِين،
ڏِسَڻَ ڪَري ڏُورِ، حَدَ ٻِنِهِي جِي ھيڪِڙِي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 29 ]
ڏِسَڻَ ڪَري ڏُورِ، حَدَ ٻِنِهِي جِي ھيڪِڙِي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 29 ]
وَسَنِ ۽ وِھسَنِ، ڏِھاڙِي ڏِسَڻَ لاءِ،
جِيئَن جِيئَن پِرِين پَسَنِ، تِيئَن تِيئَن نَشا نِينھَن جا.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 16 ]
جِيئَن جِيئَن پِرِين پَسَنِ، تِيئَن تِيئَن نَشا نِينھَن جا.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 16 ]
حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي لَڄاڻو،
ويچارو ڪاڻو، ڏِسِي ٿِئو ڏِسَڻَ کي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 15 ]
ويچارو ڪاڻو، ڏِسِي ٿِئو ڏِسَڻَ کي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 15 ]
پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، اَڱَڻِ جي اَچَنِ،
مُنھَن ۾ مَدِيُون تَنِ کي، ڏِسَڻَ سان نَہ ڏِجَنِ،
اَوَڳُڻَ عَيبَ مُٺايُون، ڍَڪَڻُ ٿِي ڍَڪِجَنِ،
توڻِي ڪَچِيُون ڪَنِ، مُعافِي ڪِجَنِ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 24 ]