ڏاڻَ جي سنڌي معنيٰ
جانورن کي ڀڄڻ کان جهَلَ لاءِ اڳين ٽنگن ۾ ٻڌڻ جا رسا، ڏاوَڻ، نِيئَرَ، سَنگهرَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Ropes for camel binding in front legs. Leg cuffs for camels.
ڏاڻَ جا بيتن ۾ حوالا
مُون ڀانيو مَھمانَ، جيڪُسِ پَھَرَ پُنهونءَ جِي،
بي غَرضا بَلوچَ ٿِئا، سَسُئِيءَ سين سَرواڻَ،
ڪاھي رَسِئا ڪيچَ کي، ڏاگهَنِ لاھي ڏاڻَ،
وِلها ٿِئا وَٿاڻَ، ساٿِيَنِ ري سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 1 ]
بي غَرضا بَلوچَ ٿِئا، سَسُئِيءَ سين سَرواڻَ،
ڪاھي رَسِئا ڪيچَ کي، ڏاگهَنِ لاھي ڏاڻَ،
وِلها ٿِئا وَٿاڻَ، ساٿِيَنِ ري سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 1 ]
ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾ پاتائُون پَلاڻَ،
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏاگهَنِ ڏاڻَ،
سَنجهي وِئا سَرواڻَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 15 ]
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏاگهَنِ ڏاڻَ،
سَنجهي وِئا سَرواڻَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 15 ]
اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، اُٺَنِ ويرِي ڏاڻَ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، پاتائُون پَلاڻَ،
مُون ڀانيان مَھمانَ، پَرَ ھُو پُنهون وَٺَڻَ آيا.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 8 ]
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، پاتائُون پَلاڻَ،
مُون ڀانيان مَھمانَ، پَرَ ھُو پُنهون وَٺَڻَ آيا.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 8 ]
ڏاگهَنِ لاھِين ڏاڻَ، اُٺَنِ ڏِين کَر کَرا،
مُنا شِيشِي ڦُڙتَگا، پُستَ جَنِ پَلاڻَ،
سَنجهي وِئا سَرواڻَ، مَين پُڻ ڀاڳو رَفتَگان.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 15 ]
مُنا شِيشِي ڦُڙتَگا، پُستَ جَنِ پَلاڻَ،
سَنجهي وِئا سَرواڻَ، مَين پُڻ ڀاڳو رَفتَگان.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 15 ]
ڪِيرَتِ ھَڏِھِين گهورِ، ڪَرِ ڪِيرَتِ جي ڪا نَہ ڪا،
جَنھِن سين ريجهي راڄِئو، سا تُون تَندُ چورِ،
ڪارَڻِ ڏاڻَ مَ ڏورِ، لَنگِهي ٿِي لَڄَ مري.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 22 ]