پُرِي جي سنڌي معنيٰ
پنڌ ڪري، هلي، ڪاهي، وڌي، اڳتي هلي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To advance, go forward, get before.
پُرِي جا بيتن ۾ حوالا
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ وَٽِ،
ڪَندا ڪانَہ گهَٽِ، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 8 ]
ڪَندا ڪانَہ گهَٽِ، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 8 ]
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ ساءِ،
ڪَندا ٻِي نَہ ڪا، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 9 ]
ڪَندا ٻِي نَہ ڪا، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 9 ]
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ جَهلَ،
ڪَندا ڪَنڌَ اُڇَلَ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 10 ]
ڪَندا ڪَنڌَ اُڇَلَ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 10 ]
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِري سَھائيءَ ھيٺِ،
ٿِئا ڏيٺارِئا ڏيٺِ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 11 ]
ٿِئا ڏيٺارِئا ڏيٺِ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 11 ]
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِري وَٽِ سَھائي،
اَچِي پِئا آڳِ ۾، ڪُڏِي سَڀَ ڪاھي،
لاڳاپا لاھي، کاڻا کُوري وِچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 12 ]
اَچِي پِئا آڳِ ۾، ڪُڏِي سَڀَ ڪاھي،
لاڳاپا لاھي، کاڻا کُوري وِچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 12 ]
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، مَٿي مَچَ مِڙِي،
ويندا تان نَہ کِڙِي، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 13 ]
ويندا تان نَہ کِڙِي، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 13 ]
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سائُو سَڀَ سَري،
کاڻا کُوري وِچَ ۾، مَنجهان قُرِبَ ڪَري
موٽِئو ڪو نَہ وَري، اُڇَلَ پَسِي آڳِ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 14 ]
کاڻا کُوري وِچَ ۾، مَنجهان قُرِبَ ڪَري
موٽِئو ڪو نَہ وَري، اُڇَلَ پَسِي آڳِ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 14 ]
اِي ھَلُ ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، شالَ سَڳَر ٿِيندِينءَ ساٿَ جي،
پيرَ پانھِنجي پِرِينءَ لَئي، ڪوڏِ رَتائِين ڪالَهہ،
چَڙَھَندي سِرِ چوٽِيين، لَڪَنِ ڪِئَڙُسِ لالَ،
ڪيچان آيو قافِلو، مَيَنِ مَٿي مالَ،
اِيندِيَئِي بُوءِ بوتَنِ جِي، جَهلِجِ پَٻَ پِيالَ،
جِتي جَمازَنِ کي، جَبَلَ ٿِيَنِ جَنجالَ،
پُڇي پيادَنِ کي، آرِياڻِي اَحوالَ،
جي ڀانيَين جَتَنِ جي، ويجهِي ٿِيان وِصالَ،
پُرِي پَٻَ وَرَنِ ۾، وِجِهِجِ ڪا وَڙالَ.
[ سُر معذوري، وايون، 2 ]

اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ويچارِي وَري،
لالَڻَ لَئي لَطِيفُ چئَي، پُرِي پيرَ ڀَري،
ڪَمِيڻِي ڪَري، ڪارُون ڪيچَ ڌَڻِيَنِ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 5 ]
لالَڻَ لَئي لَطِيفُ چئَي، پُرِي پيرَ ڀَري،
ڪَمِيڻِي ڪَري، ڪارُون ڪيچَ ڌَڻِيَنِ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 5 ]
مُون تَہ ڪِينَ چَيونِ، ڪُڄاڙئان ڪيچِ وِئا،
پُرِي پَٻَ نَہ جَهلِئا، ھاڙِھي ڪِينَ اُتونِ،
سَٻَرُ ساٿُ سَندونِ، وِئو لَتاڙي لَڪِيُون.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 19 ]
پُرِي پَٻَ نَہ جَهلِئا، ھاڙِھي ڪِينَ اُتونِ،
سَٻَرُ ساٿُ سَندونِ، وِئو لَتاڙي لَڪِيُون.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 19 ]
English Meaning
To advance, go forward, get before.