پُراڻِي جي سنڌي معنيٰ
قديم، ڪھني، جهوني، آڳاٽي. گهڻن ڏينھن جي. ڪم آندل، واپرايل. ردي، زبون. پوڙهي، اڳئين نموني جو، دقيانوسي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Old, ancient spoken of in animate things only.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
پُراڻِي جا بيتن ۾ حوالا
ٻيڙِي پُراڻِي، وَکَرُ پاءِ نَہ وِتَرو،
تَري ۾ تُنَ گَهڻا، پاسَنِ ۾ پاڻِي،
ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪَڙُھ ڪالُهوڻي ڏِينھَن کي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 4 ]
تَري ۾ تُنَ گَهڻا، پاسَنِ ۾ پاڻِي،
ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪَڙُھ ڪالُهوڻي ڏِينھَن کي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 4 ]
لَڪِ چَڙِھِيو رڻِ روءِ، ڪَري سَٻاجها سَڏَڙا،
ھِيئَڙو ڪَچِيءَ تَندُ جِيئَن، ڇِڄِئو ڇَپر پوءِ،
ڪو ڳَنڍيندَڙُ ھوءِ، تَہ پَرِتِ پُراڻِي نَہ ٿِئي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 21 ]
ھِيئَڙو ڪَچِيءَ تَندُ جِيئَن، ڇِڄِئو ڇَپر پوءِ،
ڪو ڳَنڍيندَڙُ ھوءِ، تَہ پَرِتِ پُراڻِي نَہ ٿِئي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 21 ]
ھيٺِنِ مَٿِنِ ھيڪِڙِي، پُراڻِي پَرَھِين،
توڙان تَماچِيءَ ڄامَ سين، ڳُجَهہ اَندَرِ ڳَڙَھِينِ،
سَسِيُون جِتِ سَرَھِينِ، تِتِ مُھاڻِي مَنجِهہ وِھي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 9 ]
توڙان تَماچِيءَ ڄامَ سين، ڳُجَهہ اَندَرِ ڳَڙَھِينِ،
سَسِيُون جِتِ سَرَھِينِ، تِتِ مُھاڻِي مَنجِهہ وِھي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 9 ]
ھيٺِنِ مَٿنِ ھيڪِڙِي، پاسَنِ پُراڻِي،
رِيتِ اُنِ جي راءَ کي، سَمي سِيباڻِي،
رِيجِهئو رِھاڻِي، ڪَري تَماچِي تَنِ سين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 10 ]
رِيتِ اُنِ جي راءَ کي، سَمي سِيباڻِي،
رِيجِهئو رِھاڻِي، ڪَري تَماچِي تَنِ سين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 10 ]
English Meaning
Old, ancient spoken of in animate things only.