پَھَڻُ جي سنڌي معنيٰ
پاھڻ، پٿر، پھاڙ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A stone, mountain, hill.
پَھَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
ھَلَندي ھوتَ پُنهونءَ ڏَي، کُھِجَنِ ڪي کوٽِيُون،
پَھَڻُ تَنِي پَٽُ ٿِئو، جٖي لَئي لالَڻَ لوٺِيُون،
سَڀَ سھَيلِيُون سِڪَ کي، چُنجِهيُون ۽ چوٽِيُون،
ٻانڀَڻِ ٿِي ٻوٽِيُون، تَہ ڪُتا کينَئِي ڪيچَ جا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 1 ]
پَھَڻُ تَنِي پَٽُ ٿِئو، جٖي لَئي لالَڻَ لوٺِيُون،
سَڀَ سھَيلِيُون سِڪَ کي، چُنجِهيُون ۽ چوٽِيُون،
ٻانڀَڻِ ٿِي ٻوٽِيُون، تَہ ڪُتا کينَئِي ڪيچَ جا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 1 ]
ھِيءَ گِسِي ھِيءُ گَسُ، ھِيءُ پَھَڻُ ھِيءُ پيچِرو،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ آھي ڏَسُ،
ويچارِيءَ وَڏو ڪِئو، ويندَنِ پُٺِيان وَسُ،
جَڳَ ۾ رَھِيُسِ جَسُ، سَڳَرِ ٿِي سَردارَ جي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 25 ]
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ آھي ڏَسُ،
ويچارِيءَ وَڏو ڪِئو، ويندَنِ پُٺِيان وَسُ،
جَڳَ ۾ رَھِيُسِ جَسُ، سَڳَرِ ٿِي سَردارَ جي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 25 ]
ڏُونگَرَ تو ڏُکان، پَھَڻُ ٿِيان پَٻَ جو،
وَڃَنِ مُون مَٿان، ڪيچِي قَطارُون ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 8 ]
وَڃَنِ مُون مَٿان، ڪيچِي قَطارُون ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 8 ]
English Meaning
A stone, mountain, hill.
پَھَڻُ ٻول جا زمرا