ٻِيجَلُ جي سنڌي معنيٰ
”سورٺ ۽ راءِ ڏياچ“ جي قصي ۾ هڪ چارڻ جو نالو جنهن پنهنجي سرندي جي سوز ڀرين آلاپن تي راءِ کنگهار کي راضي ڪري کانئُس سندس سِر ڏان طور ورتو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of a musician in folklore of "Sorath and Rai Diyach", who begged the head of Rai Diyach against the musical melody.
ٻِيجَلُ جا بيتن ۾ حوالا
سَؤُ سِرَنِ پائي، جانۡ تَندُ بَرابَرِ تورِيان،
اُٽَلَ اوڏاھِين ٿِئي، جيڏاھَن ٻِيجَلُ ٻُرائي،
سَکِڻو ھَڏِ آھي، ھِنَ سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ ڪِي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 18 ]