ٻاروچا جي سنڌي معنيٰ
ٻروچڪا، ٻروچ ذات جا. (پنهونءَ جي نسبت سان سندس ذات وارا)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Of or belonging to Belochs.
ٻاروچا جا بيتن ۾ حوالا
ڪيچِ ڪَمِيڻِيءَ کي نِجا وو ٻاروچا،
سانگُ سَسُئِيءَ جو ڪِجا وو ٻاروچا،
ڏُکيءَ جا ڏيرا وو پانڌِيا،
ڪَمِيڻِيءَ جا ڪيچَ ۾، اَگهِئا اوجاڳا،
پَرَڏيھِي سا پِرِيَرِي، ڪَڏِھِين ڪامَ ڪِجا،
ھوتَنِ ھَلَڻُ مَنَ ۾، مَعذُورِ مارِيندا.
[ سُر ديسي، وايون، 12 ]

وِندُرِ وَرَ ڏِنامِ، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪيتِرا،
ٻاروچا ٻاجَهہ ڀَرِيا، گوشي ھُوندَ گَڏِيامِ،
چيتاري چَيامِ عَرضَ پَنھِنجا اُنِ کي.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 5 ]
ٻاروچا ٻاجَهہ ڀَرِيا، گوشي ھُوندَ گَڏِيامِ،
چيتاري چَيامِ عَرضَ پَنھِنجا اُنِ کي.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 5 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، باڪا چَڙِهي بَرِ،
جَتَنِ ڌاران جيڏِيُون، ھِينيُون جَرِ نَہ ٿَرِ،
ڪا نَہ ٻُڌيِسُون ڪَڏِھِين، اِھَڙِي پَرِ ڪُپَرِ،
ٻاروچا ٻَرِ ٻَرِ، راتِ نَہ رَھِئا ھَيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 5 ]
جَتَنِ ڌاران جيڏِيُون، ھِينيُون جَرِ نَہ ٿَرِ،
ڪا نَہ ٻُڌيِسُون ڪَڏِھِين، اِھَڙِي پَرِ ڪُپَرِ،
ٻاروچا ٻَرِ ٻَرِ، راتِ نَہ رَھِئا ھَيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 5 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، چانگَنِ تي چَڙِھِي،
ڪِئان ٿِي ڪوھِيارَلَ سين، اَدِيُون دِلِ اَڙِي،
وَڃِي وَرُ وَڻِڪارَ ۾، گهاري مانَ گهڙَي،
ٻاروچا ٻَڙِي، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 8 ]
ڪِئان ٿِي ڪوھِيارَلَ سين، اَدِيُون دِلِ اَڙِي،
وَڃِي وَرُ وَڻِڪارَ ۾، گهاري مانَ گهڙَي،
ٻاروچا ٻَڙِي، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 8 ]
لالَڻَ لوغَ وِئا، ھَلَڪَ رَوان ڙِي جيڏِيُون.
پيرَ پَستا پَھِڻين، ڪَڏِھِين ڪِينَ پِئا،
لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ چئَي، اوزان اوزَ ٿِيان،
وَرنَهَہ وَرِ پِئا، ٻاروچا ٻاجَهہ ڀَرِئا.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 20 ]
پيرَ پَستا پَھِڻين، ڪَڏِھِين ڪِينَ پِئا،
لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ چئَي، اوزان اوزَ ٿِيان،
وَرنَهَہ وَرِ پِئا، ٻاروچا ٻاجَهہ ڀَرِئا.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 20 ]
توڻي نِينِ نَہ نِينِ، آئُون اُنِين جِي آھِيان،
زورو ھِنَ ضَعِيفِ سين، ڪامِلَ ڪوھُ ڪَرِينِ،
پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ڪَرَھَلَ ھُوءِ نَہ جهِلينِ،
جَتَ پانهِنجِيءَ جُوءِ ۾، جانِبَ مانَ جَٽيِنِ،
ٻانِهي ٻاروچا پانھِنجي، سَڳَرِ مانَ سَڏِينِ،
پِڪَ پَدَمَنِئا اَڳَرِي، سُرِڪِي مانَ سَڃِينِ.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 4 ]

ليڙَنِ لَنگِهي لَسَ، مانباڻِئان مَٿي ٿِئا،
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، پُنهون ڄامُ پَھَسَ،
ھُئا وَڏِي وَسَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 1 ]
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، پُنهون ڄامُ پَھَسَ،
ھُئا وَڏِي وَسَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 1 ]
وَڏِي وَسَ ھُئا، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،
وَڃِي ڏُورِ پِئا، سانگَنِ لَڳِي سُپِرِين.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 2 ]
وَڃِي ڏُورِ پِئا، سانگَنِ لَڳِي سُپِرِين.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 2 ]
تانۡ ڪا وَرِ ڪِجا، ڪَمِيڻِيءَ تي ڪيچِيا،
آئُون اَوِھان جِي آھِيان، ٻانِهي ٻاروچا،
دِلِاسي دوسا، مَتان مُون کي ڇَڏِيين.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 11 ]
آئُون اَوِھان جِي آھِيان، ٻانِهي ٻاروچا،
دِلِاسي دوسا، مَتان مُون کي ڇَڏِيين.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 11 ]
جَي تو ڳالَهائي، ماءُ ٻاروچا پُڇِئا،
اُنِهين جِي وائِي، ھُوندَ نَہ وييَئِي وِسَري.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 24 ]
اُنِهين جِي وائِي، ھُوندَ نَہ وييَئِي وِسَري.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 24 ]
English Meaning
Of or belonging to Belochs.