وارِثُ جي سنڌي معنيٰ
ورثو وٺڻ وارو، ميراث وٺڻ وارو، ترڪو وٺندڙ، حقدار، مستحق، فوتي جي ملڪيت مان حصو وٺندڙ. مالڪ. خانوند، ڌڻي، ميان. سنڀاليندڙ، نگھبان، سرپرست. وصي، ڪانڌ. عزيز، لاڳاپو رکندڙ، اولاد، ابا ڏاڏا، مائٽ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Master, lord, owner, successor, inheritor, master, lord, supporter, legatee.
وارِثُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪِئو، پَسِئو جُهڙُ جُهڻِڪَنِ،
سُڻِئو رَڙِ رَعدَ جِي، ڪَلهِيُون ٿِيُون ڪَنبَنِ،
وارِثُ وَرِي تَنِ، اَچي شالَ اولو ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 25 ]
سُڻِئو رَڙِ رَعدَ جِي، ڪَلهِيُون ٿِيُون ڪَنبَنِ،
وارِثُ وَرِي تَنِ، اَچي شالَ اولو ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 25 ]
نَہ وارِثُ نَہ وَلَهو، سَڱُ نَہ سِياڪو،
تو پُڄاڻا سُپِرِين، آيُمِ اولاڪو،
پانڌِيا پارانڀو، ڏِجان ڍاٽيءَ ڍولَ کي.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 1 ]
تو پُڄاڻا سُپِرِين، آيُمِ اولاڪو،
پانڌِيا پارانڀو، ڏِجان ڍاٽيءَ ڍولَ کي.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 1 ]
ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جَو وِلَهنِ وارِثُ،
سُونھون سَڀَ اُمَتَ جو، پاڳارو پُرسُ،
سي ڏِکِئا وَڃِي ڏِسُ، جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 21 ]
سُونھون سَڀَ اُمَتَ جو، پاڳارو پُرسُ،
سي ڏِکِئا وَڃِي ڏِسُ، جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 21 ]
English Meaning
Master, lord, owner, successor, inheritor, master, lord, supporter, legatee.