نِٻَرُ جي سنڌي معنيٰ
نِٻَلُ، نِٻَلو، اگهو، ڪمزور، هيڻو، نِسَتو، پؤڻو، اڀرو، لاغَرُ، هڏهيڻو، بيمار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sick, exhausted, ill, unhealthy.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
نِٻَرُ جا بيتن ۾ حوالا
ناسِيندي نَظَرُ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، نِسَتُ ۽ نِٻَرُ،
ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَرُ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 2 ]
قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، نِسَتُ ۽ نِٻَرُ،
ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَرُ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 2 ]
جيڪُسِ نِٻَرُ نِينھُن سَندومِ، مُون اُڀي ھُنَ ٿيلِهيو،
سَعيو سامُونڊِيَنِ سين، اَڳي تان نَہ ڪِئومِ،
وِجَهڻُ مَنجِهہ ھومِ، پاڻُ وَراڪي رَسِ سين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 5 ]
سَعيو سامُونڊِيَنِ سين، اَڳي تان نَہ ڪِئومِ،
وِجَهڻُ مَنجِهہ ھومِ، پاڻُ وَراڪي رَسِ سين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 5 ]
مُون جَهليندي نَہ رَھِيا، جيڪُسِ نِٻَرُ نِينھُن سَندومِ،
قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ويجهِي وَڻِجارَنِ کي.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 6 ]
قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ويجهِي وَڻِجارَنِ کي.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 6 ]
چُرَنِ چُڻڪَنِ چِتَ ۾، سَڄَڻَ سَدائين،
عُمَرَ سُڻان مَ اُنِ جِي، نِٻَرُ نِلائِي،
مُون کي مِلائِين، مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 6 ]
عُمَرَ سُڻان مَ اُنِ جِي، نِٻَرُ نِلائِي،
مُون کي مِلائِين، مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 6 ]
English Meaning
Sick, exhausted, ill, unhealthy.