مُورَکَ جي سنڌي معنيٰ
بيوقوف، بي عقل، ڪم عقل، ڪم فھم، نادان، احمق. ڀُوڪ. اناڙي، جاهل. سادا سودا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Blockheads, fools, ignorant persons.
مُورَکَ جا بيتن ۾ حوالا
پاڻِيءَ مَٿي جُهوپَڙا، مُورَکَ اُڃَ مَرَنِ،
ساھان اوڏو سُپِرِين، لوچِئو تان نَہ لَھَنِ،
دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 10 ]
ساھان اوڏو سُپِرِين، لوچِئو تان نَہ لَھَنِ،
دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 10 ]
مُورَکَ مامَ نَہ ٻُجِهڻا، آڪا جيھا اَڪَ،
پَڪا جي نَہ سُپَڪَ، مَ ڪَرِ ميڙو تَنِ سين.
[ سُر آسا، مجازي مام، 16 ]
پَڪا جي نَہ سُپَڪَ، مَ ڪَرِ ميڙو تَنِ سين.
[ سُر آسا، مجازي مام، 16 ]
English Meaning
Blockheads, fools, ignorant persons.