مُلاقاتَ جي سنڌي معنيٰ
ميلاپ، ميلو، گڏجاڻي، ڏيٺ، درشن، ديدَ، دِيدو دِيد، مُکا ميلو. هم نشيني. ڳالهہ ٻولهہ، رهاڻ، ڪچھري، گفتگو. صحبت. وَصل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Meeting, interview, visit.
مُلاقاتَ جا بيتن ۾ حوالا
مُون جِيئَن مُلاقاتَ، جَي ھُيانؤَ ھوتَ پُنهونءَ سين،
ٻانھُنِ وِجِهي واتَ، رِيھُون ڪِيانؤَ رِڃُنِ ۾.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 17 ]
ٻانھُنِ وِجِهي واتَ، رِيھُون ڪِيانؤَ رِڃُنِ ۾.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 17 ]
جوڳِي ٿِيَنِ نَہ يارَ، ڪَنھِن سين قَرِيبَنِ ري،
اَٺَئِي پَھَرَ اُنِ کي، نانِيءَ ڏُونھِن نِھارَ،
مُون مُلاقاتَ اُنِ سين، جَنِ پُورَڀَ جِي پَچارَ،
لائي وِئا لَطِيفُ چئَي، اَندَرَ مَنجِهہ اَپارَ،
سامِيَنِ ساڻُ سَتارَ، لاھُوتان لالُ ٿِيان.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 14 ]