مُصحفَ جي سنڌي معنيٰ
قُرآن ڪريم، فُرقان حَمِيد، مُسلمانن جو خُدا کان لَٿَلُ پاڪ ڪتاب، ڪلام الله، چُمڻ جي لائق ڪتاب. محبوب جو مُنھُن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The holy scripture or books revealed from Allah, the Holy Quran. Face, cheeks (of beloved).
مُصحفَ جا بيتن ۾ حوالا
پَڙَهنِ وَقتَ نِمازَ جا ۽ قَضا ساري ڪَنِ،
پايو مُنھُن مُصحفَ ۾، راتو ڏِينھَن رَڙَنِ،
اُوءِ مُٺا ڪِيئَن مَرڪَنِ، اَندَرِ اُونداھِي جَنِ کي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 17 ]

روزا ۽ نَمازُون، ڪي ڪُذاتِي ڪَنِ،
پايو مُنھُن مُصحفَ ۾، ڪافِرَ ٿِي پَڙَهنِ،
اَسِين مَنجهان تَنِ، جَنِ بيٺِ نَہ ڏِني ھيڪَڙِي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 20 ]