مُذَڪِرُ جي سنڌي معنيٰ
نَرُ، مرد، مڙس، پُلنگ، نَروٽو، نرينو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Masculine gender.
مُذَڪِرُ جا بيتن ۾ حوالا
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ چُورُ ٿِئي چُوڙو،
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ٻُڏَندَنِ ٻُوڙو،
گهورِئو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 21 ]

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ ٻِيڙَ ٿِئي ٻانھِين،
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ پَرِ اَسانھِين،
پُئان مَ پانھِين، مُون ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 22 ]

مُونا طُورُ سِيناءَ، سَندا سَناسِيَنِ،
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ڪَلامُ ڪِئائُون ڪَنِ،
سُکَنِ کي سَڀَين پَرِيين، ٻُجهِي ڏِنائُون ٻَنِ،
اَلِفَ آدِيسِيَنِ، چوري رَکِئو چِتَ ۾.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 2 ]