لُڇَڻُ جي سنڌي معنيٰ
ڦَٿِڪَڻ، بي آرامي ٿيڻ، بيقرار ٿيڻ، سُورَ کان بي تاب ٿيڻ، دانھون ڪرڻ، پچڻ، کامڻ، وِلوڙجڻ، ڇاڇولجڻ، لَڦڪڻ، تڙپڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To flinch, to be restless, to be restless, to whine, to yearn, to fight, to cry.
لُڇَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
جَي تَتو تَنُ تَنُورَ جِيئَن، تَہ ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ،
آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ،
بُرقَعان اَندَرِ بازِيُون، پَنھِنجُون سَڀَ پَچاءِ،
لُڇَڻُ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، پَڌَرِ ھَڏِ مَ پاءِ،
مَڇُڻ لوڪُ لَکاءِ، وِصالا وِچُ پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 10 ]

لُڇَڻُ نَہ لاھِينِ، گُوندَرَ ھِنَ غَرِيبِ تان،
پَرِ ۾ پَچائِينِ، جِيجان جوشَ جَتَنِ جا.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 16 ]
پَرِ ۾ پَچائِينِ، جِيجان جوشَ جَتَنِ جا.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 16 ]
English Meaning
To flinch, to be restless, to be restless, to whine, to yearn, to fight, to cry.