قَلاتَ جي سنڌي معنيٰ
بلوچستان جي ھڪ اوائلي شھر جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of an old city of Baluchistan.
قَلاتَ جا بيتن ۾ حوالا
اُتَران جو آيو، تَنھِن ڪَڪَرَ لاٿَمِ ڪَسُ،
وُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪِيو جوراڻِي جَسُ،
ڪيسَرَ جي قَلاتَ ۾، راتِ تَنِي کي رَسُ،
نيڻَ ٽِمَندا پَسُ، وَسُ تَہ وَرَنِ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 5 ]
وُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪِيو جوراڻِي جَسُ،
ڪيسَرَ جي قَلاتَ ۾، راتِ تَنِي کي رَسُ،
نيڻَ ٽِمَندا پَسُ، وَسُ تَہ وَرَنِ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 5 ]
آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، ٻانھُنِ وِجهان واتَ،
جٖي ڪَھِيا ڏُونھِن قَلاتَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 23 ]
جٖي ڪَھِيا ڏُونھِن قَلاتَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 23 ]
English Meaning
Name of an old city of Baluchistan.