فِيلَ جي سنڌي معنيٰ
ھاٿي. (عربي ٻوليءَ جو ھاٿيءَ لاءِ اسم)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
An elephant.
فِيلَ جا بيتن ۾ حوالا
اَکِئان ميگهُہ مَلارُ، صُورَتَ تيڏِيءَ سَڀَ جَڳُ موھِيا،
سَجِدو فِيلَ فِي الحالِ ڪِئو، پَسِي مُطِلِبَ نُورُ نِراَڙَ،
ڄاپَڻَ وَقتِ وَرِيامَ جي، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ،
اُڪَنڊِئا جي اَبُرَ کي، سي سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ،
موڪَلَ ٿِي مِينھَن کي، دوسِتَ ھَٿان دِلِدارَ،
قادِرَ پاڻِ قَسَمُ ڪِئو، خاڪِ قَدَمَنِ جي ڪَلتارَ،
آھِين ڪَرَمَ ڪَرِيمَ جا، اَحمَدَ ساڻُ اَپارَ،
آگي آسِمانَ جو، ڪارِئو سَيرُ سَتارَ،
وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيڪَ رَبُّڪَ فَتَرۡضَىٰ، توسين قادِرَ ڪِئا قَرارَ.
[ سُر سارنگ، وايون، 5 ]

پَلٽِئو پَنجِينءَ رَتِ ۾، رُپو سونُ سَبِيلَ،
پَلَنگَ پَٿِراڻِيُون پالِڪِيُون، نَوَ لَکَ ناڻي نِيلَ،
داتا وَٺان نَہ دانَ ۾، وَنءُ ڦيرائي فِيلَ،
آکِئُمِ جو اَصِيلَ، سو سِرُ ڏي تَہ سُرَھو ٿِيين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 5 ]

مُئي ھاٿِيءَ سين مامِرو، اَچِي پِئو اَنڌَنِ،
مَناڙِينِ ھَٿَنِ سين، اَکِيين ڪِينَ پَسَنِ،
في الَحقِيقَتهِ فِيلَ کي، سَڄا سُڃاڻَنِ،
سَندِي سَردارَنِ، بَصِيرَتَ بِينا ڪَري.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 17 ]